ڍڪڻ جو دڙو

ڍڪڻ جو دڙو: هي دڙو ٻوڌي دور/ پنجين صدي عيسويءَ جو آهي، جيڪو شهدادپور کان 4 ميل پري سرهاڙي اسٽيشن ڏانهن ويندڙ رستي تي موجود آهي. 1929ع ڌاري مجمدار، ٽنڊي الهيار ۽ شهدادپور ۾ قديم آثارن جي ڳولا دوران هي دڙو ڏٺو هو. هي دڙو اوچائيءَ ۾ 20 فوٽ ۽ شڪل ۾ گول هو. مک دڙي جي چوڌاري ٻيا ننڍڙا ننڍڙا دڙا هئا. سندس راءِ هئي ته اهي ميرپورخاص واري ڪاهوءَ جي دڙي جهڙين وٿن سان ڀريل دڙو هو. پڪين سِرن جو استعمال ٿيل هو جيڪي آرائشي هيون، سندس خيال ۾ هي دڙو هند-ساساني دور سان واسطو رکي ٿو. کوٽائي ٿيل ڪو نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو